اسلام آباد ۾ وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ قومي اقتصادي ڪائونسل جو اجلاس ٿيو

قومي اقتصادي ڪائونسل ايندڙ مالي سال لاءِ جي ڊي پي گروٿ ريٽ 4 سيڪڙو ۽ وفاق ۽ صوبن جِي ترقياتي بجيٽ 18 سئو 37 ارب رپيا رکڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

اسلام آباد ۾ وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ قومي اقتصادي ڪائونسل جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۽ ملڪي اقتصادي صورتحال جو جائزو ورتو ويو.

قومي اقتصادي ڪائونسل جي اجلاس ۾ 12هين 5 سالن واري منصوبي جي منظوري ڏني وئي آهي.

قومي اقتصادي ڪونسل ۾ جي ڊي پي جي گروٿ ريٽ 4 سيڪڙو مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، ان کان علاوه زراعت جي شعبي ۾ ترقي جي شرح ساڍا 3 سيڪڙو ۽ صنعت جي ترقي جي شرح 2 ڏهائي 2 سيڪڙو رکڻ جي منظوري ڏني وئي.

ڪونسل پاران خدمتن جي شعبي ۾ ترقي جي شرح 4 ڏهائي 8 سيڪڙو مقرر ڪئي وئي آهي.

جاري ڪيل پڌرائي موجب اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته جڏهن کين حڪومت ملي ته پاڪستان ملڪي تاريخ جي سخت معاشي بحران جو شڪار هيو، اسان جون سموريون ڪوششون ملڪ کي ڊيفالٽ ٿيڻ کان بچائڻ هو.

اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته اسان اهي سڀ ڪم ڪري رهيا آهيون جيڪي اڳ ۾ ٿيڻ گهرجن ها.

وزيراعظم چيو ته معاشي بحران مان نڪرڻ لاءِ وفاق ۽ صوبن کي گڏجي ڪوششون ڪرڻيون پونديون، صوبا اين ايف سي ايوارڊ ۾ پنهنجي حصي مان فاٽا جي مدد ڪن

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*