سيفران واري وفاقي وزير شهريار آفريدي چيو آهي ته هر پاڪستاني کي عزت ڏيڻ حڪومت جي ذميواري آهي

سيفران واري وفاقي وزير شهريار آفريدي چيو آهي ته هر پاڪستاني کي عزت ڏيڻ حڪومت جي ذميواري آهي، مسئلا ڳالهين ذريعي ئي حل ڪرڻ گهرجن، اسان افغان مهاجرن کي پنهنجن شهرن ۾ رکيو، افغان ڪابينا ۾ شامل 22 وزيرن پاڪستان جي ڪئمپ ۾ پليا آهن.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير شهريار آفريدي چيو ته پاڪستان ۾ اونڌه کانپوءِ روشني جو وقت آهي، جيڪو قانون هٿ ۾ کڻندو ان کي سختي سان منهن ڏنو ويندو، نئين پاڪستان ۾ ڪنهن سان به رعايت نه ٿيندي.

هن چيو ته پختونن جي تاريخ ۾ ڪڏهن به پاڪستان جي خلاف نعرا نه لڳايا ويا، جيڪڏهن ڪا شڪايت آهي ته پوءِ ويهي ڳالهايو وڃي، پاڪستان محفوظ هٿن ۾ آهي ۽ ان جو مستقبل روشن آهي.

وفاقي وزير جو چوڻ هو ته مسئلن کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ چاهيون ٿا، حڪومت بدنيت هجي ها ته محسن داوڙ کي ٺهراءَ پيش ڪرڻ نه ڏئي ها.

شهريار آفريدي پي ٽي ايم کي  ڳالهين جي آڇ ڪندي چيو ته هر پاڪستاني کي عزت ڏيڻ حڪومت جي ذميواري آهي، جڏهن آئون گهرو وزير هئس ته علي وزير ۽ محسن داوڙ کي گڏ ويهاريو، هڪ لک 81 هزار بلاڪ ڪيل قومي سڃاڻپ ڪارڊ بحال ڪرايا.

سندس چوڻ هو ته افغانستان  ۾ بدامني جو سڀ کان گهڻو نقصان پاڪستان کي ٿيو، پاڪستان ڪڏهن به افغان پناهگيرن کي اڪيلو نه ڇڏيو آهي.

شهريار آفريدي جو چوڻ هو ته ڪنهن به ملڪ ۾ مهاجرن کي ڪئمپ ۾ رکيو ويندو آهي پر اسان افغان مهاجرن کي پنهنجن شهرن ۾ رکيو، اسان انسانيت جي اها مثال قائم ڪئي آهي جنهن جو ڪو به جواب نه آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*