ڪي اليڪٽرڪ به شهرين تي بجلي ڪيرائيندي بجلي جي اگهن ۾ 3 رپيا تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي

ڪي اليڪٽرڪ به شهرين تي بجلي ڪيرائيندي بجلي جي اگهن ۾ 3 رپيا تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي.

ڪي اليڪٽرڪ، بجلي جا 300 کان مٿي يونٽس استعمال ڪندڙ واهپيدارن لاءِ في يونٽ جو اگهه سوا 2 رپيا مهانگو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ في يونٽ لاءِ 17 رپيا 60 پيسا ادا ڪرڻا پوندا، ان کان اڳ 300 کان وڌيڪ بجلي جا يونٽس استعمال ڪرڻ تي في يونٽ اگهه 15ر پيا 45 پيسا هئو.

ڪي اليڪٽرڪ پاران 7 سئو يونٽس کان مٿي بجلي جا يونٽس استعمال ڪندڙ واهپيدارن لاءِ به في يونٽ جو اگهه 3 رپيا 37 رپيا وڌايو ويو آهي، جنهن کانپوءِ في يونٽ جو اگهه 20 رپيا 70 پيسا ٿي ويو آهي، ان کان اڳ 7 سئو کان مٿي بجلي جا يونٽ استعمال ڪرڻ تي في يونٽ جو 17 رپيا 33 پيسا اگهه هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*