مراد علي شاهه چيو ته هڪ وفاقي وزير اچي بڪواس ڪري جهالت جو مظاهرو پيو ڪري

رتودير ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وڏي انگ ۾ ايڊز جا ڪيس ظاهر ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته اسان ان معاملي کي منهن ڏئي رهيا آهيون، ايڇ آءِ وي ۽ ايڊز ۾ فرق آهي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته رتوديرو ۽ ڀرپاسي ۾ ايڊز جا ايتري انگ ۾ ڪيسز ظاهر ٿيڻ تي ڳڻتي آهي پر اسان ان معاملي کي منهن ڏئي رهيا آهيون

هن چيو ته ايڇ آءِ وي ۽ ايڊز ۾ فرق آهي، حڪومت کي جيترو وڻي بدنام ڪيو پر معاملي تي سنجيدگي جو مظاهرو ڪيو وڃي

مراد علي شاهه چيو ته هڪ وفاقي وزير اچي بڪواس ڪري جهالت جو مظاهرو پيو ڪري، کيس ريلوي جو ڪو به فڪر ناهي، سنڌ کي بدنام ڪرڻ وارو سلسلو بند ڪيو وڃي

وڏي وزير چيو ته قومي اقتصادي ڪائونسل جون آئيني طور تي اجلاس گهرائڻ واريون گهرجون پوريون نه ڪيون ويون آھن

هن چيو ته سي سي آءِ جي اجلاس جي سلسلي ۾ به قانوني گهرجون پوريون نه ڪيون ويون آھن

مراد علي شاهه چيو ته اين اي سي جي اجلاس ۾ ڪالهه اسان ويا هئاسين، اين اي سي ۾ 5 سالن وارو منصوبو پيش ڪيو ويو، جنهن کي منظور ڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*