وزيراعظم جي سڌ سماءَ بابت خاص معاون  فردوس عاشق اعواڻ  چيو آهي ته موروثي سياست جي علمبردارن کي عمران خان جي حڪومت مان تڪليف آهي

وزيراعظم جي سڌ سماءَ بابت خاص معاون  فردوس عاشق اعواڻ  چيو آهي ته موروثي سياست جي علمبردارن کي عمران خان جي حڪومت مان تڪليف آهي،مخالفن کي اها به تڪليف آهي ته عمران خان عوام کي ٻن خاندانن جي آمرانا راڄ مان آزادي  ڇو ڏياري.

سوشل ميڊيا تي ٽوئيٽ ڪندي خاص معاون چيو ته  ماضي جي حڪمرانن جو قوم تي وڌل ٻوجهه لاهي رهيا آهيون

هن چيو ته حڪومتي مشڪل فيصلن جي نتيجي ۾ معيشت ۾ بهتري طرف وڌي رهي آهي، ريڪارڊ قرض جي ادائيگي سان گڏ واپاري کوٽ 8 سيڪڙو گهٽ ٿي آهي

هن چيو ته مالي سال 2019 ۾ پرڏيهه مان سمنڊ پار پاڪستانين جي رقم ۾ نو سيڪڙو واڌ ٿي آهي

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته عوام توهان جي جعلي مينڊيٽ  جي خلاف عمران خان کي حقيقي مينڊيٽ  ڏنو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*