اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر  جي عبوري ضمانت ۾ 10 جون تائين واڌ ڪري ڇڏي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر  جي عبوري ضمانت ۾ 10 جون تائين واڌ ڪري ڇڏي

جسٽس عامر فاروق جي سربراهي ۾  قائم ٻه رڪني بينچ معلوم ڪيو ته ڇا آصف زرداري جي خلاف ڪيس رڳو 3 ڪروڙ رپين جو آهي؟

نيب جي پراسيڪيوٽر ڄاڻايو ته اومني گروپ جي ذريعي اربين رپين جي ڪرپشن ڪئي وئي

ان کان اڳ نيب پراسيڪيوٽر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ آصف زرداري جي خلاف مبينا ڪرپشن جا دستاويز پيش ڪيا

نيب جي پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته جعلي اڪائونٽس 2014 کان 2015 تائين کوليا ويا،انهن اڪائونٽس جو مقصد  اصل بينيفشريز کي فائدو پهچائڻ هو

هن چيو ته انهن اڪائونٽس پٺيان ڏوهه لڪيل آهن،جعلي اڪائونٽ کولي مني لانڊرنگ ڪئي وئي

هن چيو ته انهن اڪائونٽس مان سڌي يا اڻ سڌي طرح فائدو آصف زرداري کي ٿيو

آصف زرداري جي وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته نيب نوان دستاويز جمع ڪرايا آهن، انهن جو جواب ڏيڻ لاءِ وقت ڏنو وڃي

عدالت آصف زرداري جي ضمانت ۾ 10 جون تائين واڌ ڪري ڇڏي، ضمانت جي منظوري کانپوءِ آصف زرداري پنهنجي نياڻي آصفه سان گڏ عدالت مان روانو ٿي ويو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*