اتر ڪوريا جَي  هِڪ سفير سميت پرڏيهي وزارت جي پنج سينيئر اهلڪارن کي موت جي سزا ٻڌائي وئي

اتر ڪوريا جَي  هِڪ سفير سميت پرڏيهي وزارت جي پنج سينيئر اهلڪارن کي موت جي سزا ٻڌائي وئي آهي.

پرڏيهي خابرو اداريَ موجب اتر ڪوريا جي امريڪا ۾ مقرر  سفير ڪِم چول سميت پرڏيهي وزارت جَي پنجن اهلڪارن کي موت جي سزا ڏني وئي.

اتر ڪوريا جي ميڊيا موجب سمورن اهلڪارن کي موت جي سزا جاسوسيءَ جي الزام هيٺ ٻڌائي وئي.

موت جي سزا ٻڌايل ڪِم چول تازو ئي اتر ڪوريا جَي سربراهه ڪم جونگ اُن ۽ امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وچ ۾ ٿيل ملاقات حصو پڻ هو.

رپورٽ موجب ڪم چول اتر ڪوريا جو خاص جوهري سفير هو، جيڪو امريڪا ۾ سفير طور خدمتون سر انجام ڏئي رهيو هو.

مقامي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته ڪم چول کي مارچ ۾ فائرنگ ڪري ماريو ويو هو پر ان حوالي سان تصديق ناهي ٿي سگهي، جڏهن ته موت جي سزا ٻڌايل وڌيڪ چئن ڄڻن جا نالا سامهون ناهن اچي سگهيا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*