قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ججز خلاف ريفرنسز ۽ ايم اين ايز محسن داوڙ ۽ علي وزير جي گرفتاري واري معاملي تي سخت احتجاج ڪري اسپيڪر جي ڊائيس جو گهيراءَ ڪيو

قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ججز خلاف ريفرنسز ۽ ايم اين ايز محسن داوڙ ۽ علي وزير جي گرفتاري واري معاملي تي سخت احتجاج ڪري اسپيڪر جي ڊائيس جو گهيراءَ ڪيو

قومي اسيمبلي ۾ پارلياماني معاملن جي  وفاقي وزير  علي محمد خان پاران علي وزير ۽ محسن داوڙ کي ملڪ دشمن سڏڻ تي گڏيل مخالف ڌر پاران شديد احتجاج ڪيو ويو

گڏيل مخالف ڌر جي ميمبرن اسپيڪر جي ڊائيس جو گهيراءُ ڪري احتجاج ريڪارڊ ڪرايو

پيپلز پارٽي  جي چيئرمين بلاول ڀٽو زراري، مسلم ليگ جي سينئر نائب صدر شاهد خاقان عباسي سميت مخالف ڌر جي ميمبرن پنهنجن سيٽن تي بيهي احتجاج ڪيو.

ايوان ۾ گوڙ دوران وقتي اسپيڪر قاسم سوري اجلاس سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو

ٻئي طرف گڏيل مخالف ڌر گڏيل ججز واري معاملي تي قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ ٺهراءُ به جمع ڪرائي ڇڏيو، جنهن حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته ججز جي ريفرنسز واپس  ورتو وڃي.

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*