سنڌ سرڪار پاور ڪمپنين کان اليڪٽرڪ ڊيوٽي اوڳاڙڻ جو فيصلو ڪري ورتو

سنڌ سرڪار پاور ڪمپنين کان اليڪٽرڪ ڊيوٽي اوڳاڙڻ جو فيصلو ڪري ورتو، وڏي وزير چيو آهي ته اها ڪهڙي منطق آهي ته عوام کان اليڪٽرڪ ڊيوٽي اوڳاڙڻ باوجود سنڌ کي فنڊز نه ٿا ملن، سنڌ حڪومت جي حساب موجب ڪي اليڪٽرڪ ڏانهن اليڪٽرڪ ڊيوٽي جي مد ۾ 2 ڏهائي 4 ارب رپيا رهن ٿا.

وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ وزيراعليٰ هائوس ۾ اجلاس ٿيو

اجلاس ۾ پاور ڪمپنين کان اليڪٽرڪ ڊيوٽي اوڳاڙڻ واري ميڪنزم تي غور ويچار ڪيو ويو

اجلاس ۾ ڳالهايندي وڏي وزير چيو ته اها ڪهري منطق آهي ته عوام کان اوڳاڙي باوجود سنڌ سرڪاري اليڪٽرڪ ڊيوتي فنڊ نه ٿا ڏنا وڃن

وڏي وزير اليڪٽرڪ ديوتي اوڳاڙڻ ابابت توانائي وزير وزير امتياز شيخ جي سربراهي ۾ ٽه رڪني ڪميٽي جوڙي

ڪميٽي کي هدايت ڪئي وئي ته اسٽيٽ بينڪ جي گورنر سان ملاقات ڪري کيس چيو وڃي ته اليڪٽرڪ ڊيوٽي ڪليڪٽ ڪري سنڌ جي حڪومت جي اڪائونٽ ۾ ڌار جمع ڪئي وڃي

وڏي وزير چيو ته اليڪٽرڪ ڊيوٽي جي مد ۾ ڪي اليڪٽرڪ ڏانهن 2 ڏهائي 4 ارب رپيا رهتون آهن، جڏهن ته سيپڪو ۽ حيسڪو ڏانهن به حساب رهي ٿو

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*