قومي احتساب بيورو (نيب) مني لانڊرنگ ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن

قومي احتساب بيورو (نيب) مني لانڊرنگ ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن

ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال اڳوڻي صدر آصف زرداري جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، آصف زرداري ميگا مني لانڊرنگ ڪيس جي جاچ لاءِ نيب کي گهربل آهي.

نيب طرفان چيو ويو آهي ته آصف علي زرداري جي گرفتاري لاءِ وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن، گرفتاري وارنٽ 10 جون تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾پيش ڪيا ويندا

نيب موجب اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کان ميگا مني لانڊرنگ ڪيس جي جاچ ۾ پڇاڳاڇا ڪرڻي آهي

گذريل ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر جي ضمانت ۾ 10 جون تائين واڌ ڪئي وئي هئي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*