وزيراعظم عمران خان او آءِ سي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ سعودي عرب جي شهر  مڪه مڪرمه پهتل آهي

اسلامي سهڪاري ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ مڪه مڪرمه پهتل وزيراعظم عمران خان افغانستان جي صدر اشرف غني سان ملاقات ڪئي جنهن دوران پاڪ افغان لاڳاپن سميت ٻطرفن دلچسپي وارن معاملن تي ڳالهيون ٿيون.

وزيراعظم عمران خان او آءِ سي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ سعودي عرب جي شهر  مڪه مڪرمه پهتل آهي، جتي هو پاڪستاني جي نمائندگي ڪري پيو

مڪه مڪرمه ۾ اسلامي سهڪاري ڪانفرنس جي سائيڊ لائين تي وزيراعظم عمران خان ۽ افغان صدر اشرف غني وچ ۾ ملاقات ٿي جنهن دوران پاڪ افغان لاڳاپن سميت ٻطرفن دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ملاقات دوران خطي جي سيڪيورٽي صورتحال ۽ علائقائي امن تي به غور ويچار ڪيو ويو

ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ پائيدار امن چاهي ٿو ۽ ان لاءِ ڀرپور ڪوششون جاري رکيون وينديون

وزيراعظم عمران خان چيو ته افغانستان امن عمل جي سياسي حل لاءِ پاڪستان پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو

او آءِ سي اجلاس کانپوءِ سائيڊ لائين تي وزيراعظم عمران خان، مصر جي صدر  الفتح السيسي ۽ ٻين اڳواڻن سان به ملاقاتون ڪيون جنهن دوران مسلمان امت کي درپيش مسئلن تي غور ويچار ڪيو ويو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*