سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته ايڊز معاملي تي وفاق سنڌ حڪومت ڀرپور مدد ڪندو

سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته ايڊز معاملي تي وفاق سنڌ حڪومت ڀرپور مدد ڪندو،وفاقي بجيٽ ۾ سنڌ جا رڳو 10 سيڪڙو منصوبا متاثر ٿيا آهن ۽ هلندڙ سال سنڌ جا سمورا منصوبا مڪمل ڪيا ويندا.

 ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي گورنر چيو ته  وڏي وزير گهڻين ڳالهين جي نشاندهي ڪئي پئي پر هن اهي ڳالهيون بنا هوم ورڪ جي ڪيون آهن

عمران اسماعيل  چيو ته  ايڊز معاملي تي وفاق سنڌ جي  ڀرپور مدد ڪندو، ڊبليو ايڇ او جي ٽيم سان گڏجاڻي  جا نتيجا جلد سامهون ايندا

گورنر چيو ته سنڌ جا سمورا ترقياتي منصو باهلندڙ سال مڪمل ڪيا ويندا ۽ سنڌ ۾ 500 بسون هلايون وينديون

 

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*