وفاقي سرڪار عيد الفطر کان اڳ عوام مٿان پيٽرول بم ڪيرائي ڇڏيو

وفاقي سرڪار عيد الفطر کان اڳ عوام مٿان پيٽرول بم ڪيرائي ڇڏيو، پيٽرول جي اگهه ۾ چار رپيا ڇويهه پيسا، گاسليٽ هڪ رپيو اُڻهتر پيسا ۽ ڊيزل چار رپيا 50 پيسا مهانگو ڪيو ويو آهي

ايف بي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب پيٽرول جي اگهه ۾ چار رپيا 26 پيسا واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ پيٽرول جو في ليٽر اگهه 112 رپيا اٺهٺ پيسا ٿي ويو آهي

گاسليٽ جو في ليٽر 98 پيسا 46 پيسا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ نئون اگهه 98 رپيا 46 پيسا ٿي ويو آهي

ايف بي آر جي پڌرائي موجب ڊيزل جي  في ليٽر اگهه ۾ ساڍا چار رپيا واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ڊيزل جو نئون اگهه 126 رپيا 82 پيسا ٿي ويو آهي

ايف بي آر موجب تيل جا نوان اگهه اڄ رات کان لاڳو هوندا

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*