عمران خان ۽ محمدبن سلمان ۾ ملاقات، سياسي، اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي

وزير اعظم عمران خان ۽ سعودي ولي عهد شهزادي محمدبن سلمان جي او آءِ سي  اجلاس ۾ ملاقات ٿي،جنهن ۾ سياسي اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

ملاقات ۾ سعودي ولي عهد جي پاڪستان جي دوري ۾ ٿيل فيصلن تي جلد عملدرآمد تي اتفاق ڪيو ويو،ان کانسواءِ سپريم ڪوآرڊي نيشن ڪونسل اجلاس ۾ ٿيل فيصلن تي عملدرآمد ۽ گڏيل مفادن جي سمورن معاملن  بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ تي اتفاق ڪيو ويو.

او آءِ سي  جي سائيڊ لائين تي ٿيل ملاقات دوران سعودي ولي عهد ، عمران خان جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو.

ملاقات ۾  سعودي ولي عهد جي پاڪستان جي دوري  دوران ٿيل فيصلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

وزير اعظم اوڌر تي تيل  جي فراهمي تي سعودي حڪومت جا ٿورا مڃيا.

وزير اعظم عمران خان چيو ته اوڌر تي تيل  جي فراهمي تي سعودي حڪومت جا ٿورائتا آهيون.

ان کانسواءِ سپريم ڪوآرڊينيشن ڪونسل اجلاس ۾ ٿيل فيصلن تي به تيز عملدرآمد ۽ گڏيل مفادن جي سمورن معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*