وفاقي سرڪار عيد الفطر کان اڳ عوام مٿان پيٽرول بم ڪيرائي ڇڏيو

وفاقي سرڪار عيد الفطر کان اڳ عوام مٿان پيٽرول بم ڪيرائي ڇڏيو، پيٽرول جي اگهه ۾ چار رپيا ڇويهه پيسا، گاسليٽ هڪ رپيو اُڻهتر پيسا ۽ ڊيزل چار رپيا 50 پيسا مهانگو ڪيو ويو آهي.

ايف بي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب پيٽرول جي اگهه ۾ چار رپيا 26 پيسا واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ پيٽرول جو في ليٽر اگهه 112 رپيا اٺهٺ پيسا ٿي ويو آهي.

گاسليٽ جو في ليٽر 98 پيسا 46 پيسا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ نئون اگهه 98 رپيا 46 پيسا ٿي ويو آهي.

ايف بي آر جي پڌرائي موجب ڊيزل جي  في ليٽر اگهه ۾ ساڍا چار رپيا واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ڊيزل جو نئون اگهه 126 رپيا 82 پيسا ٿي ويو آهي.

ايف بي آر موجب تيل جا نوان اگهه اڄ رات کان لاڳو  ٿي ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*