رتوديرو ۾ ايڇ آءِ وي جا ڪيس ظاهر ٿيڻ واري معاملي بابت ڊزيز سرويلنس ٽيم ماهوار رپورٽ جاري ڪري ڇڏي

رتوديرو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ايڇ آءِ وي جا ڌڙا ڌڙ ڪيس ظاهر ٿيڻ واري معاملي بابت ڊزيز سرويلنس ٽيم ماهوار رپورٽ جاري ڪري ڇڏي، رپورٽ  ۾ چيو ويو آهي ته 31 مئي تائين 25 هزار 433 ماڻھن جي بلڊ اسڪريننگ ڪئي وئي، جن مان 733 ايڇ آءِ وي پازيٽو نڪتا، جن ۾ 595 ٻار به شامل آهن.

رتوديرو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ايڇ آءِ وي جا ڌڙا ڌڙ ڪيس ظاهر ٿيڻ واري معاملي جي آئوٽ بريڪ ڪندڙ ڊي جي آفيس جي ايف ايل ٽي پي اينڊ ڊزيز سرويلنس ٽيم تازي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي.

رپورٽ موجب، 31 مئي تائين 25 هزار 433 ماڻھن جي بلڊ اسڪريننگ ڪئي وئي، جن مان 733 ايڇ آءِ وي پازيٽو نڪتا آھن.

رپورٽ موجب، ايڇ آءِ پازيٽيو ۾ 595 ٻار۽ 138 وڏا شامل آھن.

رپورٽ موجب رتوديرو ۾ ايڇ آءِ وي ھڪ مھيني جي ٻار کان 70 سالن جي عمر تائين ماڻھن کي متاثر ڪيو، سڀ کان وڌيڪ متاثر ٻارڙا ٻن کان پنجن سالن جي عمر جا ٿيا آھن.

رپورٽ موجب، متاثرن ۾ ميل جو تعداد 371 جن جو تناسب 50 ڏهائي 6 سيڪڙو ۽ فيميل جو تعداد 362 ۽ تناسب 49 ڏهائي 4سيڪڙو آھي.

رپورٽ موجب مجموعي طور ظاھر ٿيندڙ مريضن جو ريشو 2.8 سيڪڙو آھي.

رپورٽ موجب متاثرن ۾ ھڪ سال جا 57 ٻار ٻن کان پنجن سالن جا 411 ٻار ۽ ڇھن کان پندرنھن سالن جا 131 ٻار آهن.

رپورٽ موجب، پندرنھن کان 45 سالن جا 115 نوجوان ۽ 46 سال کان 70 سالن جي عمر جا 20 ماڻھو شامل آھن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*