مسلم ليگ ن ادارن ۽ قانون جو احترام پنهنجي مرضي ۽ سهولت  مطابق ڪندي آهي، فردوس عاشق اعواڻ

وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مسلم ليگ ن ادارن ۽ قانون جو احترام پنهنجي مرضي ۽ سهولت  مطابق ڪندي آهي.

سوشل ميڊيا تي ٽوئيٽ ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته پي ٽي آئي عدليا جي آزادي ۽ قانون جي حڪمراني جي جدوجهد جو هميشه هر اول دستو رهي ۽ رهندي.

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ن ليگي متوالن جو سپريم ڪورٽ  تي حملو  تاريخ ۾ڪارو ۽ شرمناڪ  واقعو آهي.

هن چيو ته عدليا جي تذليل ڪرڻ لاءِ “مون کي ڇو ڪڍيو ويو” جي مهم قوم جي ذهنن ۾ هاڻ به تازي آهي.

خاص معاون  سوال ڪيو ته ن ليگي ڪنهن کي بيوقوف بڻائي رهيا آهن؟

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*