پيٽرول مهانگو ٿيڻ نالائق ۽ نااهل وزيراعظم جي ايڊوانس عيدي قسط آهي، مريم اورنگزيب

مسلم ليگ نون جِي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته پيٽرول مهانگو ٿيڻ نالائق ۽ نااهل وزيراعظم جي ايڊوانس عيدي قسط آهي، عيد کان ڪجهه ڏينهن اڳ تيل اگهن ۾ واڌ ڪري عوام سان دشمني ڪئي وئي آهي.

پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ تي رد عمل ظاهر ڪندي مسلم ليگ ن جِي ترجمان مريم اورنگزيب چيو ته جڏهن کان نالائق ۽ ووٽ چور حڪومت عوام تي مڙهي وئي آهي، تڏهن کان هر ڏهاڙي بُري خبر ٻڌڻ کان ملي ٿي.

هن چيو ته عيد کان ڪجهه ڏينهن اڳ پيٽرول جِي قيمت ۾ واڌ عوام سان دشمني برابر آهي، جڏهن ملڪ کي آءِ ايم ايف وٽ گِروي رکيو ويندو ته هر ڏهاڙي عوام کي اهڙو تحفو ئي ملندو.

مريم اورنگزيب وڌيڪ چيو ته پيٽرول 4 رپيا 26 پئسا مهانگو ٿيڻ نالائق ۽ نااهل وزيراعظم جي ايڊوانس عيدي قسط آهي، 9 مهينن ۾ پيٽرول، گيس ۽ بجلي جي اگهن ۾ تاريخي واڌ عوام جِي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي، پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ سان مهانگائي جي سونامي ۾ واڌ ٿيندي.

ن ليگي ترجمان چيو ته نالائق ۽ نااهل وزيراعـظم جو بار 22 ڪروڙ عوام کڻي رهيو آهي، نالائقي ۽ بي حسي جي سوالن جي جوابن جَي خوف کان عمران صاحب پارليامينٽ جي اجلاس کي هلڻ نٿو ڏئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*