وفاقي صحت کاتي پاران 2019 ۾ پوليو ڪيسز جي تازي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي

وفاقي صحت کاتي پاران 2019 ۾ پوليو ڪيسز جي تازي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي، رپورٽ موجب، سڀ کان وڌيڪ پوليو ڪيس خيبرپختونخواهه ۾ ظاهر ٿيا آهن، مجموئي طور سڄي ملڪ ۾ هلندڙ سال 21 ڪيس ظاهر ٿيا آهن.

وفاقي صحت کاتي پاران 2019 ۾ پوليو ڪيسز جي تازي رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي.

رپورٽ موجب، سڀ کان وڌيڪ پوليو ڪيسز خيبرپختونخواهه ۽ قبائلي علائقن مان پوليو ڪيس ظاهر ٿيا آهن.

رپورٽ موجب، پنجاب جي شهر لاهور  م 3، سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي جي علائقي لياري مان هڪ ۽ گلشن اقبال هڪ پوليو جو ڪيس ظاهر ٿيو آهي، جڏهن ته لاڙڪاڻي مان هڪ ڪيس ظاهر ٿيو آهي.

رپورٽ موجب، خيبرپختونخواهه مان 9 ڪيس ظاهر ٿيا آهن.

رپورٽ موجب، بنون ضلعي مان 7، هنگو ضلعي ۾ هڪ،  ڊي آءِ خان ۾ هڪ ۽ قبائلي علائقن مان 6 پوليو ڪيس ظاهر ٿياآهن.

رپورٽ موجب، خيبر ايجنسي، باجوڙ ايجنسي ۽ اتر وزيرستان مان هڪ هڪ ڪيس ظاهر ٿيا آهن.

رپورٽ موجب، مجموعي طور پاڪستان ۾ هن وقت تائين 21 پوليو ڪيس  ظاهر ٿيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*