سکر ۾ هٿياربند گهر ۾ داخل ٿي گهرڌڻي کي قتل ۽ سندس زال کي زخمي ڪري  فرار ٿي ويا

سکر ۾ هٿياربند گهر ۾ داخل ٿي گهرڌڻي کي قتل ۽ سندس زال کي زخمي ڪري  فرار ٿي ويا، پوليس موجب، مقتول ٽن هفتن کان مسواڙ جي گهر تي پنهنجي گهرواري سان گڏ رهندو هو.

ڀوسا لائن واري علائقي ۾ گهر تي هٿياربندن ڏينهن ڏٺي حملو ڪري  فائرنگ ڪري ڏني.

فائرنگ جي نتيجي ۾ گهر ڌڻي غلام شبير  مارجي ويو، جڏهن ته سندس گهرواري شبانا زخمي ٿي پئي.

حملي بعد جوابدار فرار ٿي ويا، اطلاع تي پوليس پهچي مارجي ويل جو لاش ۽ زخمي عورت کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

پوليس موجب، مقتول جو تعلق خيرپور جي علائقي وڏا ماڇيون سان هو، ٽن هفتن کان ڀاڙي مسواڙ تي گهر  ۾ پنهنجي زال سان گڏ رهندو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*