ورلڊڪپ ۾ چوٿين سيمي فائنلسٽ ٽيم جو فيصلو نيٽ رن ريٽ تي ٿيندو، برينڊن ميڪيولم

نيوزيلينڊ جي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ نالي واري بيٽسمين برينڊن ميڪيولم اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته ورلڊڪپ ۾ چوٿين سيمي فائنلسٽ ٽيم جو فيصلو نيٽ رن ريٽ تي ٿيندو.

برينڊن ميڪيولم جو چوڻ آهي ته آسٽريلوي ٽيم ڇهه گروپ ميچز کٽي ٽين سيمي فائنلسٽ ٽيم هوندي.

هن اڳڪٿي ڪندي چيوته انگلينڊ آسٽريليا ۽ ڀارتي ٽيم انگلينڊ هٿان شڪست کائيندي.

ڪيوي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي ٽيمن وچ۾ کيڏي ميچ بابت اڳڪٿي ڪئي هئي.

برينڊن ميڪيولم پاڪستان جي ويسٽ انڊيز هٿان شڪست جي اڳڪٿي ڪئي هئي.

هن چيو آهي ته پاڪستان ليگ ميچ ۾ آسٽريليا، نيوزيلينڊ، سري لنڪا، افغانستان ۽ بنگلاديش جي ٽيمن کي شڪست ڏيندو.

برينڊن ميڪيولم جو وڌيڪ چوڻ هوته پاڪستان گروپ ميچز ۾ پنج ۾ فاتح ٿيندو ۽ چئن ميچز ۾ ٽيم کي شڪست نصيب ٿيندي۽ ميزبان ٽِيم سان 3تاريخ تي رٿيل ميچ ۾ انگلينڊ پاڪستان کي شڪست ڏيندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*