وفاق سنڌ ۾ هلندڙ ترقياتي منصوبا ختم ڪري ڇڏيا آهن، عاجز ڌامراهه

پيپلز پارٽي جي اڳواڻ عاجز ڌامراهه پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته نيازي حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر عيد کان پهريان عوام تي پيٽرول بم ڪيرائي ڇڏيو، آخر عوام حڪومت جو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟

حيدرآباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عاجز ڌامراهه چيو ته نيب چيئرمين حڪومت جي پريشر هيٺ آهي، هن حڪمرانن کي آئينو ڏيکاريو ته سندس خلاف ڪهڙيون ڪهڙيون وڊيوز سامهون اچي ويون.

عاجز ڌامراهه چيو ته وفاق سنڌ ۾ هلندڙ ترقياتي منصوبا ختم ڪري ڇڏيا آهن، سيوهڻ، ڄامشورو ڊبل روڊ ۽ ايس ٿري ميگا سيوريج پروجيڪٽ به ختم ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*