حڪومت 5 سال رهِي ته قرض 50 هزار ارب ڊالرز کان به وڌي ويندو، شاهد خاقان عباسي

اڳوڻي وزيراعظم ۽ ن ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي ۽ مريم اورنگزيب چيو آهي ته پيٽرول جي اگهن ۾ نئين واڌ سان مهانگائي جو نئون طوفان ايندو، حڪومتي خرچن ۾ هڪ هزار ارب رپين جو اضافو ٿيو آهي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان چيو ته کنڊ جي قيمت ۾ 30 سيڪڙو، اٽي جي قيمت ۾ 10 سيڪڙو ۽ مڱن جي دال جي اگهن ۾ 36 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.

هن چيو ته بجلي جي قيمت ۾ جيڪو اضافو ٿيو آهي ان جو ملڪي تاريخ ۾ ڪو به مثال نه ٿو ملي.

شاهد خاقان عباسي چيو ته حڪومت 5 سال رهِي ته قرض 50 هزار ارب ڊالرز کان به وڌي ويندو.

سندس چوڻ هو ته موجوده حڪومت جي دور ۾ مهانگائي ٻيڻ تي وڌي وئي آهي، ناڻيواڌ جي رفتار 7 سيڪڙي تائين ٿي وئي آهي.

هن چيو ته دنيا جون سموريون حڪومتون قرض کڻنديون آهن، پر موجوده حڪمرانن سمورا ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن.

شاهد خاقان عباسي چيو ته آمدني ساڳي آهي، پر حڪومتي خرچن ۾ هڪ هزار ارب رپين جو اضافو ٿي ويو آهي.

اڳوڻي وزير اعظم چيو ته اهو ثابت ٿي ويو ته مينهون وڪرو ڪرڻ سان حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي ٿي نٿي سگهي.

هن واضح ڪيو ته گذريل سال 2018 ۾ حڪومتي خرچ پنج هزار ست سو ارب هئا، جيڪي وڌيڪ ڪري ست هزار ارب رپين تائين پهچائي ويا آهن.

شاهد خاقان عباسي چيو ته هلندڙ سال حڪومتي آمدني چار هزار ارب رپين تائين هوندي، ان مان واضح ٿيو ته حڪومت جي آمدني ۾ هڪ رپئي جي به واڌ نه ٿي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*