عوام جي خدمت منشور جو حصو آهي، جنهن تي هر صورت ۾ عمل ڪيو ويندو، بلاول ڀٽو زرداري

پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هميشه عوام جي خدمت ڪئي آهي، هو چاهي ٿو ته عوام کي اٽو، لٽو ۽ اجهو ملي.

بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ سوشل سيڪٽر پروٽيڪشن اسٽريٽجي بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ وڏو وزير مراد علي شاهه، صوبائي وزير عذرا پيچوهو، اسماعيل راهو، امتياز شيخ، سعيد غني، ٻين کاتن جي وزيرن ۽ سيڪريٽريز به شرڪت ڪئي.

اجلاس دوران پ پ چيئرمين کي بريفنگ ڏيندي وڏي وزير چيو ته عوام سان چونڊن دوران ڪيل واعدا سوشل سيڪٽر پروٽيڪشن اسٽريٽجي ذريعي پورا ڪيا پيا وڃن.

مراد علي شاهه چيو ته پ پ چيئرمين جي حڪم تحت عوام سان ڪيل سمورا واعدا پاڙيا ويندا.

پ پ چيئرمين اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو ته عوام جي خدمت سندن منشور جو حصو آهي، جنهن تي هر صورت ۾ عمل ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*