منهنجي گذريل وزارت ۾ 5 ڄڻن مداخلت ڪئي، فواد چوڌري

سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اهم فيصلا ٿي ويندا آهن پر ان بابت وزيرن کي خبر ئي نه هوندي آهي، منهنجي گذريل وزارت ۾ 5 ڄڻن مداخلت ڪئي، هڪ ئي وقت پنج ماڻهو ڪم ڪندا ته اهو ئي ٿيندو جيڪو ٿيندو آهي.

هڪ نجي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته اسان جي وچ ۾ چونڊيل ۽ اڻ چونڊيل ماڻهن جي جنگ آهي، فيصلا اڻ چونڊيل نه پر چونڊيل ماڻهن کي ڪرڻ گهرجن.

هن چيو ته اڻ چونڊيل ماڻهو طاقتور آهن ان ڪري ئي وزارتون تبديل ٿيون، جيڪي ماڻهو ڪائونسلر به چونڊجي نه ٿا سگهن، اهي پارٽي ڪيئن ٿا هلائي سگهن، ان جو فيصلو چونڊيل ماڻهو ئي ڪندا آهن.

سندس چوڻ هو ته مون سڌ سماءَ واري وزارت ۾ سڌارا آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر اهي پنهنجي منزل تي نه پهتا.

فواد چوڌري اعتراف ڪيو ته  سندس وزارت ۾ نعيم الحق، يوسف بيگ مرزا، ارشد خان ۽ طاهر خان تمام گهڻي مداخلت ڪئي، گهڻا ماڻهو جڏهن هڪ شئي کي بهتر ڪرڻ پويان لڳي وڃن ته اوهان ڪجهه نٿا ڪري سگهو.

سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزير جو چوڻ هو ته هن شهباز شريف کي پي اي سي چيئرمين بڻائڻ جي مخالفت ڪئي پر هو چيئرمين بڻجي ويو، هن کيس پرڏيهه وڃڻ کان روڪڻ جي ڳالهه ڪئي پر سندس هڪ به نه ٻڌي وئي، انهن شين جو اثر ٿيندو آهي.

وفاقي وزير جو چوڻ هو ته جيڪڏهن هاڻي اسان نواز شريف کي به پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي ته اسان تي تمام گهڻا الزام لڳندا ۽ اسان جي سياست ختم ٿي ويندي.

فواد چوڌري چيو ته وزيراعظم جا مصروف شيڊول هوندا آهن، مقامي سياست جو وقت نه هوندو آهي، اصل طاقت پارليامينٽ ۽ چونڊيل ماڻهو آهن، آخر ۾ فيصلا ۽ مسئلن جو حل وزيراعظم کي ڪڍڻو آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته سول ملٽري لاڳاپا بهترين انداز ۾ هلي رهيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*