نيوزيلينڊ جي ٽيم هڪ طرفي مقابلي بعد سري لنڪا کي ڏهه وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

مارٽن گپٽل ۽ ڪالن منرو جي شاندار اوپنگ پاٽنرشپ ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم هڪ طرفي مقابلي بعد سري لنڪا کي ڏهه وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

انگلينڊ جي شهر ڪارڊف ۾ کيڏي ويل ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي ٽِئين ميچ ۾ ڪيوي ٽيم جي ڪپتان ڪين وليمسن ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ ڪرڻ جوفيصلو ڪيو.

سري لنڪن ٽيم 29ڏهائي 2 اوورس ۾ صرف 136رنز اسڪور ڪري آئوٽ ٿي وئي.

سري لنڪن ٽيم جي ڪپتان ڪرونا رتني 52رنز جي اننگ کيڏي ناٽ آئوٽ رهي ٽاپ اسڪورر رهيو،جڏهن ته ڪوشل پريرا 29۽ٿسارا پريرا 27رنز جي اننگ کيڏي نمايا بيٽسمين رهيا.

نيوزيلينڊ جي ٽيم پاران ميٽ هينري ۽فرگوسن 3-3، جڏهن ته گرانڊهوم،نيشام، ساٽنر ۽ٽرينٽ بولٽ هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

نيوزيلينڊ جي ٽيم جي سري لنڪا پاران ميچ کٽڻ  لاءِ مليل 137رنزجو ٽارگيٽ هڪ طرفي مقابلي بعد 16ڏهائي هڪ اوورس ۾ بغير ڪنهن نقصان تي پورو ڪري ميچ ۾ ڏهه وڪيٽن تان ڪاميابي پنهنجي نالي ڪئي.

نيوزيلينڊ جي ٽيم پاران مارٽن گپٽل 73۽ڪالن منرو 58رنز جي اننگ کيڏي ٽيم جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

نيوزيلينڊ جي ٽيم پاران ميٽ هينري کي بهترين بالنگ جومظاهرو ڪرڻ تي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*