سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ فردوس شميم نقوي چيو  آهي ته سنڌ سرڪار ڪراچي شهر کي ترقياتي رٿائن ۾  نظرانداز ڪري رهي آهي

سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ فردوس شميم نقوي چيو  آهي ته سنڌ سرڪار ڪراچي شهر کي ترقياتي رٿائن ۾  نظرانداز ڪري رهي آهي اهو وقت پري ناهي جڏهن اپوزيشن ليڊر جي حيثيت سان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ وڃي درخواست داخل ڪرايان ته شهر جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ وفاق مداخلت  ڪري.

انصاف هائوس ڪراچي ۾ خرم شير زمان ۽ ٻين اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي فردوس شميم نقوي چيو ته ڪراچي ۾ ڪو به ترقياتي ڪم نه پيو ٿئي ، شهري پاڻي ڦڙي لاءِ به واجهائي رهيا آهن

 فردوس نقوي چيو ته وڏو وزير عوام جا مسئلا حل ڪرڻ بدران وفاق خلاف غلط  شوشا ڇڏي رهيو آهي، مراد علي شاهه ثابت ڪيو آهي ته هو ناڪام وڏو وزير آهي

فردوس شميم چيو ته اهو وقت پري ناهي جڏهن اپوزيشن ليڊر جي حيثيت سان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ وڃي درخواست داخل ڪرايان ته شهر جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ وفاق مداخلت  ڪري

فردوس شميم نقوي وفاق کان مطالبو ڪيو  ته اين ايف سي ايوارڊ کي پراونشل فانشل ايوارڊ سان مشروط ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ ڪراچي کي جائز حصو نه ٿو ملي

خرم شير زمان چيو ته سنڌ سرڪار ڪراچي کي نطرانداز ڪيو آهي، تحريڪ انصاف ڪراچي واسين کي اڪيلو نه ڇڏيندو

هن چيو ته سنڌ به عمران خان لاءِ ايترو ئي اهم آهي جيترو ڪو ٻيو صوبو، سنڌ ۾ ايڊز جي متاثرن کي انصاف ڪارڊ جاري ڪنداسين، جنهن سان کين خانگي اسپتالن ۾ علاج جون سهولتون ملي سگهن

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*