لکي غلام شاهه ويجهو چڪ واري علائقي ڏوهارين سان مقابلي دوران ايس ايڇ او سميت 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا

لکي غلام شاهه ويجهو چڪ واري علائقي ڏوهارين سان مقابلي دوران ايس ايڇ او سميت 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا ۽ 4 اهلڪار زخمي ٿي پيا، شهيد ايس ايڇ او لکي غلام مرتضي ميراڻي ۽ شهيد ايس ايس ذوالفقار پنهور جا لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. ايس ايس پي شڪارپور ساجد امير سدوزئي چيو آهي ته ڪچي جي علائقو  ۾ صورتحال تي ضابطو آڻي ڇڏيو آهي.

چڪ ڀرسان شاهه ٻيلي ۾ مختلف ٿاڻ جي پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ پوليس ۽ ڌاڙين  وچ ۾ مقابلي دوران ايس ايڇ او لکي مرتضيٰ ۽ اي ايس آءِ ذوالفقار پنهور شهيد ٿي ويا، جڏهن ته ايس ايڇ او نيو فوجدار ايوب ڊوگر ۽ سندس ذاتي گن مين جانزيب پٺاڻ  سميت 4  ڄڻا زخمي ٿي پيا.

پوليس ٻن شهيد پوليس اهلڪارن جا لاش ۽ زخمين کي سکر اسپتال منتقل ڪيو، جتي کين طبي امداد ڏني وئي

هوڏانهن ايڊيشنل آءِ جي سکر ريجن ڊاڪٽر جميل ۽ ايس ايس پي شڪارپور اسپتا پهچي زخمي اهلڪارن جي عيادت ڪئي ۽ واقعي جا تفصيل ورتا

سکر اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد شھيد ٿيل ايس ايڇ او مرتضي ميراڻي جو مڙھ خيرپور ۽ شھيد اي ايس آءِ ذوالفقار پنھور جو مڙھ چڪ اماڻيو ويو

سندن جنازي نماز ۾ ايڊيشنل آء جي سکر ڊي آء جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس وي شڪارپور شرڪت ڪندا

هوڏانهن ايس ايس پي شڪارپور ساجد امير سدوزئي چيو آهي ته ڪچي جي علائقو  ۾ صورتحال تي ضابطو آڻي ڇڏيو آهي

ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي عرفان بلوچ شڪارپور جي ڪچي واري علائقي ۾ شهيد ٿيل واقعي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته ڏوهارين کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو

ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي چيو ته پوليس کي آپريشن کي وڌائڻ لاءِ هدايتون ڪري ڇڏيون آهن

عرفان بلوچ چيو ته، پوليس آفيسرن جي قرباني رائيگان نه ويندي، عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ فرض جي ادائيگي دوران اهلڪارن جي ڏنل قرباني رائيگان نه ويندي

هوڏانهن سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو وائرل ٿي آهي، جنهن بابت انڪشاف ڪيو پيو وڃي ته ساڳيوئي هٿيار پوليس تي استعمال ٿيو آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*