صحت کاتي  رتيديري اسپتال ۾ ايڇ آءِ وي ايڊز  ٻارڙن جي علاج لاءِ نئون سينٽر قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

صحت کاتي  رتيديري اسپتال ۾ ايڇ آءِ وي ايڊز  ٻارڙن جي علاج لاءِ نئون سينٽر قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، صحت کاتي جي ٽيم رتوديرو اسپتال ۾ سينٽر قائم ڪرڻ لاءِ ٽي ڪمرا خالي ڪرائي ورتا، سڪندر ميمڻ چيو آهي ته چلڊرين اسپتال لاڙڪاڻي ۾ قائم ٿيل ايڇ آءِ وي ٻارڙن وارو سينٽر پنهنجي جڳهه تي ڪم جاري رکندو.

صحت کاتي  رتيديري اسپتال ۾ ايڇ آءِ وي ايڊز  ٻارڙن جي علاج لاءِ نئون سينٽر قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي

سينٽر جي جڳهه جو معائنو ڪرڻ لاءِ صحت کاتي جو اسپيشل سيڪريٽري حفيظ عباسي، سنڌ ايڊز ڪنٽرول پروگرام جو پراونشل منيجر سڪندر ميمڻ، ڊبليو ايڇ او جي ماهر ڊاڪٽرياڻي سلينا، ڊي ايڇ او لاڙڪاڻو عبدالرحمان بلوچ ۽ چانڊڪا  اسپتال جو ايم ايس عبدالستار شيخ تي ٻڌل ٽيم رتوديرو اسپتال پهتي.

صحت کاتي جي ٽيم سينٽر قائم ڪرڻ لاءِ ٽي ڪمرا خالي ڪرائي ورتا آهن

رتو ديرو اسپتال ۾ چائلڊ هيلٿ ڪيئر وارڊ ڀرسان ايڇ آءِ وي ٻارڙن جي علاج وارو سينٽر قائم ڪيو ويندو

سينٽر ۾ڊاڪٽر ۽ عملو مقرر ڪرڻ لاءِ صحت کاتي پاران ڊي ايڇ او لاڙڪاڻو ۽ چانڊڪا اسپتال جي ايم ايس کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن

سڪندر ميمڻ چيو ته چلڊرين اسپتال لاڙڪاڻي ۾ قائم ٿيل ايڇ آءِ وي ٻارڙن وارو سينٽر پنهنجي جڳهه تي ڪم جاري رکندو

هن چيو ته رتوديرو ۾ 604 ٻارڙا ايڇ آءِ وي وائرس سبب متاثر ٿي ويا آهن، انهن جي سهولت ۽ ڊبليو ايڇ او جي هدايتن  تي سينٽر قائم ڪري رهيا آهيون

سڪندر ميمڻ  چيو ته 406 ٻارڙن مان هن وقت رڳو 227 ٻارڙن جو علاج ۽ بنيادي ٽيسٽون لاڙڪاڻي واري سينٽر تي هلندڙ آهي. وڌيڪ ڪيس آهن، انهن جو علاج رتوديرو سينٽر تي ڪيو ويندو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*