وزير اعظم جي سڌ سماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته فلسطين مسئلي  جو ٻن رياستن جي حل کانسواءِ  ٻيو ڪوبه چارو ناهي

وزير اعظم جي سڌ سماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته فلسطين مسئلي  جو ٻن رياستن جي حل کانسواءِ  ٻيو ڪوبه چارو ناهي

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي  ٽوئيٽ ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته  وزير اعظم عمران خان او آءِ سي سربراهه  اجلاس کي تاريخي خطاب ڪيو ۽ مسلمان امت  جي جذبن جي صحيح معنيٰ ۾ عڪاسي ڪئي.

هن چيو ته وزير اعظم اسلام جو حقيقي تشخص اجاگر ڪرڻ لاءِ نئون حل ٻڌايو ۽ والاريل ڪشمير ۽ فلسطين جو وڪيل بڻجي سامهون آيو

وزير اعظم چيو ته ڪشميرين جي منصفاڻي جدوجهد کي دهشتگردي جو نالو ڏئي نٿو سگهجي

هن چيو ته عمران خان سائنس تي ڌيان ڏيڻ تي زور اسلامي دنيا کي ان جي ميراث  ياد ڏياري،عظيم مسلمان سائنسدان جديد علمن جا باني ۽ بنيادي استادن  ۾ شامل آهن

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*