سنڌ جي مڪاني ادارن جي وزير سعيد غني چيو آهي ته ملڪ ۾ نون صوبن ٺاهڻ جي حوالي سان آئين ۾ طريقئڪار موجود آهي

سنڌ جي مڪاني ادارن جي وزير سعيد غني چيو آهي ته ملڪ ۾ نون صوبن ٺاهڻ جي حوالي سان آئين ۾ طريقئڪار موجود آهي، ايم ڪيو ايم پهريان سنڌ اسيمبلي ۾ ٺهراءَ ته پيش ڪري،ايم ڪيو ايم وارن سدائين عوام کي ورهائڻ جي سياست ڪئي آهي.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته پيپلز پارٽي سنڌ ۾ ڪمزور نه پر مضبوط ٿي آهي، سنڌ اسيمبلي ۾ ڪابه اپوزيشن ناهي

هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ بهترين ۽ خراب جج ٻئي رهيا آهن، پر سپريم ڪورٽ جي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو شمار بهترين  ججز ۾ ٿئي ٿو

هن چيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي خلاف ريفرنس بدنيتي تي ٻڌل آهي

سعيد غني جو چوڻ هو ته پ پ جي قيادت ۽ ڪارڪنن جي قربانين سبب پارٽي بيٺل آهي

هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جي مسئلن جي حوالي سان ڳالهائي رهيو آهي،هن اهڙن مسئلن کي سامهون آندو آهي،جنهن تي ڳالهائيندي ڪيترن جون ڄنگهون ڏڪنديون آهن

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*