لاهور ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ن ليگ اڳواڻ حمزه شهباز چيو ته ملڪ کان ٻاهر وڃون ته ماڻهو نئين پاڪستان کي ملامت ڪن ٿا

ساهيوال جي ڊي ايڇ ڪيو  اسپتال  جي چلڊرين وارڊ ۾ ٻارن جي فوتگي تي ن ليگ جي اڳواڻ حمزه شهباز مذمت ڪندي چيو آهي ته ساهيوال ۾ پنجن ٻارن جي فوتگي حڪومت جي نالائقي ۽ نااهلي جو ثبوت آهي، ان جو ذميوار پنجاب جو وڏو وزير ۽ صحت جو وزير آهن،هن مطالبو ڪيو ته  صحت جي وزير  پنهنجي عهدي تان استعيفا ڏئي.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ن ليگ اڳواڻ حمزه شهباز چيو ته ملڪ کان ٻاهر وڃون ته ماڻهو نئين پاڪستان کي ملامت ڪن ٿا،پرڏيهه ۾ رهندڙ  پاڪستانين کي پراڻو پاڪستان پسند آهي

هن چيو ته هي نوبت اچي وئي آهي ته ته معزز جج صاحبان جا پٽڪا لاٿا پيا وڃن.جسٽس  قاضي فائز عيسيٰ  کي خبر  بعد ۾ پئي ٿي ، خبر پهريان ليڪ ٿي وڃي ٿي.حمزه شهباز چيو ته صرف نون مهينن ۾ هڪ هزار ارب رپين جا  اضافي قرض ورتا ويا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*