پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ خورشيد شاهه گهوٽڪي، ڏهرڪي ۽ سکر جي مختلف واهن ۽ شاخن جو دورو ڪيو

پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ خورشيد شاهه گهوٽڪي، ڏهرڪي ۽ سکر جي مختلف واهن ۽ شاخن جو دورو ڪيو، خورشيد شاهه چيو اوهان گهر ويٺا هوندا آهيو، انجنيئرز سان ڪا گڏجاڻي ڇو نه ٿا ڪريون، آبادگارن کي اهو پاڻي ته ڏيو، جيڪو انهن لاءِ مقرر آهي.

پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ خورشيد شاهه گهوٽڪي، ڏهرڪي ۽ سکر جي مختلف واهن ۽ شاخن جو دورو ڪيو ۽ پاڻي صورتحال جو جائزو ورتو.

خورشيدشاهه سکر، گهوٽڪي ۽ ميرپور ماٿيلو، سانگي واهه، پيارو واهه، جانب واهه، مهيسرو ڊنگڙ ۽ آر ڊي 177 جو به دورو ڪيو

خورشيد شاهه چيو ته آبادگارن جي زمينن تائين پاڻي نه پيو پهچي، جنهن سبب آبادگار پريشان ٿي ويا آهن، آبادگارن کي جيترو پاڻي ملڻ گهرجي، اهو نه پيو ملي

هن چيو ته سڄو پاڪستان منهنجو آهي، سکر کان علاوه گهوٽڪي، ميرپور ماٿيلو ۽ ٻين ضلعن جا آبادگار به مون کان پاڻي نه ملڻ جي شڪايت ڪن ٿا

ان موقعي تي خورشيد سيڊا ڊائريڪٽر غلام ياسين قريشي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو اوهان گهر ويٺا هوندا آهيو، انجنيئرز سان ڪا گڏجاڻي ڇو نه ٿا ڪريو؟

خورشيد شاهه چيو ته، آبادگارن کي اهو پاڻي ته ڏيو، جيڪو انهن لاءِ مقرر آهي، پاڻي تمام گهٽ ڏنو پيو وڃي

خورشيد شاهه پاران ڇنڊ پٽڻ بعد سيڊا ڊائريڪٽر پنهنجي ماتحت تي ڪاوڙ ڪئي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*