مرتضيٰ وهاب چيو ته فردوس شميم نقوي اپوزيشن ليڊر لاءِ اهل ئي ناهي

سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب اپوزيشن ليڊر فردوس شميم نقوي جي بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته عمران خان ڪراچي جو ايڏو سڄڻ هجي ها ته ڪراچي جون اسپتالون ۽ پي آءِ اي هيڊ آفيس نه کسي ها، ڪراچي کي 10 مهينن ۾ جيترو نقصان پي ٽي آءِ حڪومت ڏنو آهي ايترو شايد ڪنهن به نه  ڏنو هوندو، فردوس شميم نقوي جي ڪردار ۽ زبان کان ته سندس پاڙيسري به بيزار آهن.

سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر فردوس شميم جي بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو ته عمران خان جيڪڏهن ڪراچي جو ايڏو سڄڻ هجي ها ته ڪراچي جون اسپتالون ۽ پي آءِ اي هيڊ آفيس کسي نه وڃي ها.

هن چيو ته ڪراچي کي 10 مهينن ۾ جيترو نقصان پي ٽي آءِ حڪومت پهچايو آهي ايترو شايد ڪنهن به نه پهچايو هوندو، عمران خان شوڪت خانم اسپتال لاءِ فنڊ وٺڻ ته ڪراچي آيو پر هن مهل تائين ڪراچي واسين کي ڏنو ڪجهه به ناهي.

مرتضيٰ وهاب چيو ته فردوس شميم نقوي اپوزيشن ليڊر لاءِ اهل ئي ناهي، فردوس جي ڪارڪردگي ۽ زبان جي ڪري ته پاڙيسري به کانئس بيزار آهن

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*