وزير اعظم جي خاص معاون نعيم الحق  سماجي ويب سائيٽ تي ڪيل ٽوئيٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته وزير اعظم زرتاج گل کي نيڪٽا ڏانهن لکيل خط واپس

زرتاج گل پاران پنهنجي ڀيڻ شبنم گل کي ڊائريڪٽر بڻائڻ بابت نيڪٽا کي لکيل خط جو نوٽيس ورتو آهي

 وزير اعظم جي خاص معاون نعيم الحق  سماجي ويب سائيٽ تي ڪيل ٽوئيٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته وزير اعظم زرتاج گل کي نيڪٽا ڏانهن لکيل خط واپس وٺڻ جو حڪم ڏنو آهي.

 وزيراعظم جو چوڻ آهي ته زرتاج گل جو خط لکڻ وارو عمل پي ٽي آءِ جي اقربا پروري مخالف پاليسي جي ابتڙ آهي

هن چيو ته پي ٽي آءِ  حڪومت ۾ ڪوبه پنهنجي پوزيشن کي استعمال ڪري مائٽن يا دوستن کي فائدو پهچائي نٿو سگهي

ان کان اڳ وفاقي وزير زرتاج گل  پنهنجي پوزيشن واضح ڪندي ڄاڻايو ته سندس ڀيڻ جي مقرري منهنجي سفارش نه پر ميرٽ تي ٿي آهي

ٻئي طرف نيڪٽا جي ترجمان  واضح ڪيو ته شبنم گل جي مقرري قانون مطابق ڪئي وئي آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*