قلعه سيف الله ويجهو مسافر وين ۽ ٽرڪ جي ٽڪر جي نتيجي ۾ فوتين جو انگ وڌي 13 ٿي ويو

بلوچستان جي علائقي قلعه سيف الله ويجهو مسافر وين ۽ ٽرڪ جي ٽڪر جي نتيجي ۾ فوتين جو انگ وڌي 13 ٿي ويو، 7 مسافر زخمي ٿي پيا، بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال پاران حادثي تي ڏک جو اظهار ڪندي زخمين کي بهتر علاج جون سهولتون ڏيڻ جون هدايتون ڪيون ويون،

 قلعه سيف الله ويجهو  علي خيل ۾ مسافر وين ڪوئيٽا کان زوب وڃي رهي هئي ته قومي شاهراه تي ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي،  جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت ۽ 4 معصوم ٻارڙن سميت 13 ڄڻا فوت ۽ 7 زخمي ٿي پيا.

پوليس موجب فوتين جا لاش ۽ زخمين کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو.

پوليس موجب هڪ ئي خاندان جا 5 ماڻهو به فوتين ۾ شامل آهن

پوليس جو چوڻ آهي ته فوتين ۽ زخمين جي سڃاڻپ ڪئي پئي وڃي.

ٻئي طرف بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال خان حادثي ۾ قيمتي جاني نقصان تي ڏک جو اظهار ڪندي صحت کاتي جي سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته زخمين کي بهتر علاج جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

وڏي وزير جي هدايت تي عمل ڪندي هيلٿ سيڪريٽري پاران ٽراما سينٽر ۽ سول اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*