والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي جاري ، فائرنگ ڪري وڌيڪ ٻن ڪشميرين کي شهيد ڪري ڇڏيو

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي جاري آهي، ڀارتي فوج شوپيان ضلعي ۾ فائرنگ ڪري وڌيڪ ٻن ڪشميرين کي شهيد ڪري ڇڏيو.

والاريل ڪشمير ۾ قابض ڀارتي رياستي دهشتگردي جو سلسلو رڪجي نه سگهيو آهي.

رات دير سان قابض ڀارتي فوج شوپيان ضلعيجو گهيراءُ ڪري گهر گهر تلاشي ورتي.

قابض فوج نام نهاد آپريشن جي نالي تي وڌيڪ 2 ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو.

هوڏانهن ٻن ڪشمرين جي شهادت کانپوءِ نوجوان روڊن تي نڪري آيا ۽ ڀارتي رياستي دهشتگردي خلاف احتجاج ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*