گمبٽ ڀرسان قومي شاهراهه تي ڪوچ جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾4 ڄڻا فوت  ٿي ويا

گمبٽ ڀرسان قومي شاهراهه تي ڪوچ جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾4 ڄڻا فوت  ٿي ويا، پوليس جو چوڻ آهي ته فوت ٿي ويل چار ئي ڄڻا رنگ ڪندڙ مزدور هئا.

قومي شاهراهه تي ڪوچ جو موٽرسائيڪل کي زوردار ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار پرڀو مل، چندو مل، راجا ۽ سريش ٿڏي تي فوت ٿي ويا.

حادثي کانپوءِ پوليس پهچي فوت ٿي ويلن جالاش کڻائي گمبٽ جي تعلقي اسپتال پهچايا، جتان ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيا ويا.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڪوچ پنجاب کان ڪراچي وڃي رهي هئي ته روڊ ڪراس ڪندڙ موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳو، ڪوچ ڊرائيور کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*