سرڪاري حج اسڪيم جي ٻي قرعه اندازي اڄ ٿيندي

سرڪاري حج اسڪيم جي ٻي قرعه اندازي اڄ ٿيندي، مذهبي معاملن واري وفاقي وزير نورالحق قادري چيو آهي ته ٻي قرعه اندازي ۾ ساڍا 9 هزار کان وڌيڪ ماڻهو شامل هوندا، قرعه اندازي ۾ رهجي ويل ماڻهن کي ترجيحي ڏني ويندي.

وفاقي ڪابينا جي منظوري کان پوءِ سرڪاري حج اسڪيم جي ٻي قرعه اندازي اڄ ٿي رهي آهي.

مذهبي معاملن واري وزير موجب، ڪابينا جي منظوري کانپوءِ سرڪاري اسڪيم جي ٻي قرعه اندازي مذهبي معاملن واري وزارت ۾ اڄ ڪئي ويندي.

ٻي قرعه اندازي ۾ 3 ڀيرا رهجي ويل ماڻهن کي ترجيح ڏني ويندي ۽ لڳ ڀڳ ساڍا 9 هزار ماڻهن جي نالن جو اعلان ڪيو ويندو.

واضح رهي ته سڄي ملڪ ۾ هر سال لکين حج پانڌيئڙا سرڪاري ۽ خانگي ڪوٽا ذريعي حج جو فرض ادا ڪندا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*