قومي احتساب بيورو ملڪي معيشت لاءِ ڪم ڪندڙ ادارن ۽ فردن جي خلاف نه آهي، جاويد اقبال

نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال چيو آهي ته قومي احتساب بيورو ملڪي معيشت لاءِ ڪم ڪندڙ ادارن ۽ فردن جي خلاف نه آهي، نيب هڪ اڻڌريو ادارو آهي، احتساب جو عمل بنا خوف ۽ فرق جي جاري رهندو، پاڪستان ۾ ڪرپشن ڪندڙ وڏن هٿن تي ڪڏهن به هٿ نه وڌو ويو، ان ڪري ڪرپشن وڌي.

پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ نيب چيئرمين چيو ته نيب هڪ اڻڌريو ادارو آهي، احتساب جو عمل بنا خوف ۽ فرق جي جاري رهندو.

هن چيو ته ملڪي معشيت جي بهتري لاءِ ڪم ڪندڙن کي نيب سان ڪا به شڪايت نه آهي.

نيب چيئرمين چيو ته، پاڪستان ڪرپشن ڪندڙن وڏين شخصيتن ۾ ڪڏهن به هٿ نه وڌو ويو آهي.

هن چيو ته، وڏين شخصيتن تي هٿ نه وجهڻ سان ڪرپشن ۾ واڌ ٿي آهي، نيب جو ڪم بنيادي ڪم سرڪاري عهديدارن ۽ پبلڪ فنڊ ۾ ڪرپشن خلاف ڪارروائي آهي.

جسٽس رٽائرد جاويد اقبال چيو ته قومي احتساب بيورو ملڪي معشيت جي بهتري لاءِ ڪم ڪندڙ ادارن ۽ ماڻهن خلاف نه آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*