سکر مان چوري جي الزام ۾ گرفتار ڪيل نوجوان حيدرآباد پوليس جي مبينا تشدد ۾ فوت  ٿي ويو

سکر جي علي واهڻ واري علائقي مان چوري جي الزام ۾ گرفتار ڪيل نوجوان غلام مصطفيٰ ميراڻي حيدرآباد پوليس جي مبينا تشدد ۾ فوت  ٿي ويو، وارثن لاش سکر  جي پريس ڪلب آڏو رکي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ڪجهه ڏينهن او سکر جي علي واهڻ واري علائقي مان چوري جي الزام ۾ گرفتار ڪيل نوجوان غلام مصطفيٰ ميراڻي حيدرآباد پوليس جي مبينا تشدد ۾ فوت  ٿي ويو.

لاش ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ وارثن  لاش سکر پريس ڪلب آڏو رکي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

وارثن جو چوڻ آهي ته  نوجوان اينگرو ڪمپني ۾ ڊرائيور هو، پوليس وحشياڻو تشدد ڪري قتل ڪيو آهي، ملوث اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*