برٽش ايئر ويز جي آمد دنيا جي نئين پاڪستان ۽ ان جي حڪومت تي اعتماد جو اظهار آهي، فردوس عاشق اعواڻ

سڌ سماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته برٽش ايئر ويز جي آمد دنيا جي نئين پاڪستان ۽ ان جي حڪومت تي اعتماد جو اظهار آهي، دنيا وزيراعظم عمران خان جي پرامن پاڪستان جي موقف کي تسليم ڪري رهي آهي.

پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ فردوس عاشق اعواڻ چيو ته برطانوي برٽش ايئرلائن جي اڏامن جي شروعات ترقي طرف ڏانهن وڌندڙ پاڪستان جي عڪاسي آهي.

هن چيو ته، ڪپتان جي قيادت ۾ پاڪستان جي ترقي، معاشي، خوشحالي جو مقصد حاصل ڪري وٺنداسين.

سڌ سماءَ بابت خاص معاون چيو ته تحريڪ انصاف اهو ڪم ڪري ڏيکاريو، جيڪو ماضي جون حڪومتون نه ڪري سگهيون.

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته، برٽش ايئر ويز جي آمد دنيا جي نئين پاڪستان ۽ ان جي حڪومت تي اعتماد جو اظهار آهي.

سڌ سماءَ بابت خاص معاون چيو ته دنيا وزيراعظم عمران خان جي پرامن پاڪستان جي موقف جي سچائي کي تسليم ڪري رهي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*