سعودي عرب، گڏيل عرب امارتن سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ اڄ  مسلمان برادري عيد الفطر ملهائي  رهي آهي

سعودي عرب، گڏيل عرب امارتن ، آمريڪا، برطانيا، آسٽريليا، فرانس ۽  افغانستان  سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ اڄ  مسلمان برادري عيد الفطر ملهائي  رهي آهي.

سعودي عرب ۾ مسجد الحرام ۾ عيدالفطر جي نماز جو وڏو ميڙاڪو ٿيو، جنهن ۾ خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز، لبناني اڳواڻ سعد الحريري سميت هزارين شهرين شرڪت ڪئي.

نار جي ملڪن گڏيل عرب امارتن ۾ اڄ عيد ملهائي پئي وڃي، سمورين رياستن ۾ عيد گاهن ۽ مسجدن ۾ عيد جي نماز  جااجتماع ٿيا ۽ سڀ کان وڏو ميڙاڪو ابوظهبي جي شيخ زيد مسجد ۾ ٿيو.

عراق، ڪويت، بحرين سميت نار جي ملڪن ۾ به اڄ عيد ملهائي  وئي.عيدالفطر جي موقعي تي مسجدن ۾ وڏا ميڙاڪا ٿيا، جن ۾ مسلمان امت جي سلامتي ۽ دنيا ۾ امن  لاءِ دعائون گهريون ويون.

پاڙيسري ملڪ افغانستان ۾ به اڄ عيد الفطر ملهائي پئي وڃي،جڏهن ته ڀارت جي ڪجهه علائقن ۾ شوال جو چنڊ نظر اچڻ جو اعلان ڪيو ويو، جنهن  بعد ڀارت ۾ ٻه عيدون ملهايون وينديون.

ڀارتي ميڊيا مطابق ملڪ جي ڪجهه علائقن ۾ عيد ملهائي پئي وڃي،سرڪاري سطح تي عيد جي چنڊ جو ڪوبه اعلان سامهون نه آيو آهي.

انڊونيشيا، جاپان، ملائيشيا، آسٽريليا ۽ ٿائي لينڊ ۾ شوال جو چنڊ نظر نه آيو،انڪري انهن ملڪن جا مسلمان سڀاڻي عيد ملهائيندا.

برطانيا ۾ هن سال ٻه عيدون ملهايون پيون وڃن، جن ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جو وڏو تعداد سڀاڻي عيد ملهائيندي، جڏهن ته ڪيناڊا ۽ آمريڪا ۾ به ٻه عيدون ملهايون پيون وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*