ٿر مسئلو 60 پراڻو آهي جنهن کي راتو رات ۾ ٺيڪ نه ٿو ڪري سگهجي شرجيل ميمڻ

صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ٿر مسئلو 60 سال پراڻو آهي، جنهن کي راتو رات ٺيڪ نه ٿو ڪري سگهجي.

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته شهريار مهر پيپلز پارٽي ۾ شموليت لاءِ منٿون ڪندو رهيو آهي ۽ هاڻي وري پيپلز پارٽي تي تنقيد ۾ به اڳيان اڳيان آهي.

هن چيو ته ٿر جو مسئلو 60 سالن کان اُلجهيل آهي، جنهن کي هڪ رات ۾ ٺيڪ نه ٿو ڪري سگهجي.

هن چيو ته وڏو وزير سيد قائم علي شاهه انتهائي محنتي ماڻهو آهي ۽ دانشمندي سان صوبي جو انتظام هلائي رهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*