عمرڪوٽ ويجهو روڊ حادثي جي نتيجي ۾ پنهنجي پيارن سان عيد ملهائڻ لاءِ ويندڙ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا

عمرڪوٽ ويجهو روڊ حادثي جي نتيجي ۾ پنهنجي پيارن سان عيد ملهائڻ لاءِ ويندڙ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا، عيد جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون.

شادي پلي موڙ وٽ ٽريڪٽر ٽرالي ۽ ڪار ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا، جن جي سڃاڻپ عمر نهڙي ۽ علم الدين سميجو طور  ڪئي وئي.

پوليس موجب فوتين عمر جو واسطو ڳوٺ منڌار ۽ علم الدين جو واسطو ڳوٺ راڄوڙو سان ٻڌايو پيو وڃي، ٻئي ڄڻا عيد ملهائڻ ڳوٺ وڃي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو.

فوتين جا لاش بٺورو اسپتال مان پوسٽ مارٽم کانپوءِ وارثن حوالي ڪيا ويا، جڏهن ته لاش گهر پهچڻ تي روڄ راڙو مچي ويو ۽ عيد جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*