ڪراچي ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙي بعد فائرنگ ڪري پنهنجي پٽي ڀائي کي قتل ڪري ڇڏيو

ڪراچي ۾ ٺٽي واسي پوليس اهلڪار معمولي ڳالهه تان جهيڙي بعد فائرنگ ڪري پنهنجي پٽي ڀائي کي قتل ڪري ڇڏيو، مقتول اهلڪار جي عيد کانپوءِ شادي رٿيل هئي.

ٺٽي جي چليا جي رهواسي پوليس اهلڪار منظور علي چوهاڻ ۽ سندس ساٿي اهلڪار جهمپير واسي منظور آٿو وچ ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿيو.

پوليس موجب جهيڙي کانپوءِ منظور علي آٿو ڪلاشنڪوف جا برسٽ هڻي پنهنجي ساٿي اهلڪار منظور علي چوهاڻ کي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن بعد پوليس فائرنگ ڪندڙ اهلڪار منظور آٿو کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته ٻئي اهلڪار شهيد بينظير ڀٽو ٽريننگ سينٽر رزاق آباد ۾ تربيتي ڪورس تي آيل هئا ۽ ٻنهي جي ايمرجنسي ڊيوٽي ڪراچي جي عوامي ڪالوني ٿاڻي تي لڳائي وئي هئي.

مارجي ويل اهلڪار منظور علي چوهاڻ جو مڙهه چليا آندو ويو، جتي اباڻي ڳوٺ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، وارثن جو چوڻ آهي ته منظور علي چوهاڻ جي عيد کانپوءِ شادي به رٿيل هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*