وزير اعظم 30 جون کانپوءِ ٽيڪس چورن جي خلاف ڪريڪ ڊائون جو اشارو ڏئي ڇڏيو

وزير اعظم 30 جون کانپوءِ ٽيڪس چورن جي خلاف ڪريڪ ڊائون جو اشارو ڏئي ڇڏيو، وزير اعظم معاشي ٽيم کان سوال ڪيو ته آخرڪار وڏن مانگر مڇن کي ٽيڪس نيٽ ۾ ڪيئن آڻي سگهجي؟

اسلام آباد ۾ عمران خان جي صدارت هيٺ بني گالا ۾ حڪومت جي اقتصادي ٽيم جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ٽيڪس نيٽ وڌائڻ تي ويچاريو ويو

اجلاس ۾ ناڻي جو صلاحڪار حفيظ شيخ، مملڪتي وزير حماد اظهر،ايف بي آر جي چيئرمين شبر زيدي ۽ ناڻي وزارت جي عملدارن شرڪت ڪئي

اجلاس ۾ 11 جون تي پيش ٿيندڙ بجيٽ جي مختلف معاملن تي صلاح مشورو ڪيو ويو

ايف بي آر جي چيئرمين پاران ايمنسٽي اسڪيم بابت وزير اعظم کي بريفنگ ڏني وئي.وزير اعظم جو چوڻ هو ته ايمنسٽي اسڪيم مان فائدو حاصل نه ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي

وزير اعظم ٽيم کان سوال ڪيو ته صرف پگهادار طبقو ئي ٽيڪس ڇو ادا ڪري ؟

هن چيو ته وڏن مانگر مڇن کي ٽيڪس نيٽ ۾ ڪيئن آندو وڃي؟

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*