اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي ذاتي معالج ڊاڪٽر عدنان چيو آهي ته گذريل ڏينهن صبح جو چئين وڳي نوازشريف جي طبيعت خراب ٿي وئي

 

اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي ذاتي معالج ڊاڪٽر عدنان چيو آهي ته گذريل ڏينهن صبح جو چئين وڳي نوازشريف جي طبيعت خراب ٿي وئي،اڪٽر مطابق نوازشريف کي ساهه کڻڻ ۾ تڪليف ٿي رهي هئي.

نوازشريف سان جيل ۾ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر عدنان چيو ته هن اڳوڻي وزير اعظم جو طبي معائنو ڪيو.

ڊاڪٽر عدنان مطابق نوازشريف ساهه جي تڪليف سبب جيل انتظاميا  کي سيل جا دروازا کولڻ لاءِ چيو.

ڊاڪٽر عدنان ٻڌايو ته هن جيل انتظاميا کي گذارش ڪئي هئي ته کيس جيل ۾ نوازشريف سان ملاقات ڪري طبي معائني جي اجازت ڏني وڃي،حڪومت سندس درخواست قبول ڪري ورتي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*