پاڪستان ۾ شوال جو چنڊ نظر اچي ويو، سموري ملڪ ۾ سڀاڻي عيد الفطر ملهائي ويندي

پاڪستان ۾ شوال جو چنڊ نظر اچي ويو، سموري ملڪ ۾ سڀاڻي عيد الفطر ملهائي ويندي

ڪراچي ۾ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس مفتي منيب الرحمان جي صدارت ۾ ٿيو، پشاور، اسلام آباد، لاهور، ڪوئيٽا ۽ ٻين شهرن ۾ زونل ڪميٽين جا اجلاس ٿيا، جتان چنڊ نظر اچڻ جون شاهديون گڏ ڪري مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي ڏانهن اماڻيون ويون.

مفتي منيب الرحمان چنڊن جو اعلان ڪندي چيو ته ملڪ ۾ شوال جو چنظ نظر اچي ويو آهي. ڪشمور، جيڪب آباد، فيصل آباد، لاهور، رحيم يار خان ۽ ٻين علائقن مان چنڊ نظر اچڻ جون شاهديون مليون آهن.

هن چيو ته چنڊ نظر اچڻ جي شاهدين جي بنياد تي سڀاڻي پهرين شوال هوندي ۽ سڄي ملڪ ۾ عيد الفطر ملهائي ويندي

مفتي منيب الرحمان چيو ته سوات ۾ ڪي پي جي وڏي وزير محمود خان جي اباڻي ضلعي ۽ پشاور جي مختلف هنڌن تي به سڀاڻي عيد ٿيندي

پاڪستان کان علاوه آسٽريليا، ملائيشا، جاپان، انڊونيشيا، بنگلاديش، اومان ۽ شام سميت دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به سڀاڻي مسلمان عيد الفطر ملهائيندا

لاڳاپيل خبرون

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*