صدر ڊاڪٽر عارف علوي عيد الفطر جَي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته محدود علائقائي، ذاتي ۽ نسلي تعصبن کان مٿانهون ٿي ڪري ڪم ڪنداسين

صدر ڊاڪٽر عارف علوي عيد الفطر جَي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته محدود علائقائي، ذاتي ۽ نسلي تعصبن کان مٿانهون ٿي ڪري ڪم ڪنداسين، وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عيد جي خوشي ضرورتمتدن کي پنهنجي خوشين ۾ شامل ڪرڻ سان ملندي آهي

صدر ڊاڪٽر عارف علوي قوم کي عيدالفطر جون واڌايون ڏيندي چيو ته اڄوڪي ڏينهن اسان کي عهد ڪرڻ گهرجي ته گڏيل همدردي، رواداري، احترام ۽ خيرخواهي سان گڏ رهون

هن چيو ته محدود علائقائي، ذاتي ۽ نسلي تعصبن کان مٿانهون ٿي ڪري قوم جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڪم ڪيون

عارف علوي چيو ته عيد الفطر جو ڏينهن پنهنجي اندر ايثار، همدردي، تقويٰ ۽ پيرهيزهاري توڙي خدمت خلق ۽ احترام انسانيت جي پيغام ۾ سمايل آهن

هوڏانهن وزيراعظم عمران خان پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته عيد الفطر جو مقصد مسلمانن ۾ اتحاد، اخوت، ڀائيچارو، ايثار ۽ سخاوت جهڙن جذبن کي هٿي ڏيڻ آهي، عيد جي خوشي ضرورتمندن، ويجهن مائٽن ۽ ڀيڻ ڀائرن کي شريڪ ڪرڻ سان ملندي آهي.

هن چيو ته موجوده حڪومت موجوده حڪومت هڪ حقيقي فلاحي رياست جي قيام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي، الله تعاليٰ پاڪستان کي امن، ترقي ۽ خوشحالي وارو ملڪ بڻائي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*